شمسي توانائي

شمسي توانائي (Solar Energy): اهڙي بکندڙ توانائي جيڪا سج پيدا ڪري ٿو، ان کي شمسي توانائي چئجي ٿو. جنهن ۾ روشني (light) ۽ گرمي (heat) ٻئي موجود ٿين ٿيون. شمسي توانائي کي نئين ڀرتي ڪندڙ (renewable) توانائي به سڏجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هر روز اڀرندڙ سج، نئين توانائيءَ جا ڀنڊار مهيا ڪندو رهي ٿو. ٻين لفظن ۾ ته جيسيتائين سج اڀرندو رهندو، تيسيتائين شمسي توانائي حاصل ٿيندي رهندي.
انسان زمانن کان وٺي مختلف مقصدن خاطر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سج جي توانائيءَ جو استعمال ڪندو رهيو آهي، جهڙوڪ: باهه ٻارڻ، کاڌي جون مختلف شيون ۽ ڪپڙا سڪائڻ، شين کي اَروڳڻ، سامونڊي پاڻي سڪائي لوڻ حاصل ڪرڻ، مختلف مقصدن لاءِ گرمي حاصل ڪرڻ، ننڍيون وڏيون مشينون جھڙوڪ: واچون، ڪئلڪيوليٽر، بجليءَ تي هلندڙ سامان، موٽر گاڏيون، ٻيڙا، هوائي جهاز هلائڻ وغيره شامل آهن.
تاريخدانن جي دعويٰ آهي ته هڪ يوناني موجد، ارشيميدس (Archimedes) 3 صدي ق.م ۾ شمسي توانائي جي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ هن سيريڪيس (Syracuse) شهر جي حملي دوران دشمن جي ٻيڙن کي اهڙيءَ باهه سان ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو هو، جيڪا هن ڪيترين آرسين رستي اُس مان يڪجاءِ ڪري ان مان گرميءَ جا ترورا پيدا ڪيا هيا.
سج مان خارج ٿيندڙ توانائي يا شعاعن کي چقمقي بجلي يا برق مقناطيسي(electromagnetic) توانائي به سڏجي ٿو، جنهن جي اٽڪل هڪ اربين پتي ڌرتيءَ تي رسي، اُتي موجود جملي زندگيءَ کي روان دوان رکي ٿي، جيڪا اٽڪل 420 ٽرلين ڪلو واٽ ـ ڪلاڪن جيتري يعني هن وقت انسانن پاران جيڪا به توانائي استعمال ڪئي وڃي ٿي ان کان هزارين دفعا وڌيڪ ٿيندي. هڪ اندازي مطابق زمين جي هر هم چورس ڪلوميٽر تي روزانو 4000 ڪلوواٽ (0.4 ميگاواٽ) شمسي توانائي رسندي رهي ٿي، جيڪا هڪ وچولي سائيز جي ڳوٺ جي بجليءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿيندي.
هڪ اندازي مطابق سج مان لاڳيتو 173،000 ٽيراواٽ (terawatt) يعني کربين واٽ بجلي زمين تي وسندي رهي ٿي، جيڪا دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ جملي توانائيءَ کان 10،000 دفعا وڌيڪ آهي ۽ اها توانائي مڪمل طور تي ٻيهر ڀرتي ٿيندڙ ۽ ايتري لامحدود آهي، جيڪا اسان کي کربين سالن تائين حاصل ٿيندي رهندي.
قدرتي يا سج جي توانائيءَ کي سڌو سنئون بجلي ۾ مٽائڻ لاءِ سولر سيل (solar cells) استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن کي ‘فوٽووولٽئڪ’ (photovoltaic) سيل به سڏجي ٿو. فوٽووولٽئڪ اصل ۾ يوناني ۽ لاطيني ٻوليءَ جي لفظن جو جڙيل اصطلاح آهي. جنهن مان ’فوٽو‘ جي معنيٰ ‘روشني’ ته ‘وولٽئڪ’ جي معنيٰ ‘وولٽ’ جي آهي. جڏهن گھڻا گھڻا سولر سيل هڪ وقت گڏ ڪري استعمال ڪجن ته هڪ اهڙو شمسي پئنل ٺهي پوي ٿو جنهن رستي ججهي مقدار ۾ بجلي پيدا ڪري، اها ڪنهن به ڪم جھڙوڪ: ٽربائين هلائڻ، بئٽرين ۾ گڏ ڪري پوءِ ضرورت وقت ڪنهن به مقصد لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿي.
جھڙاليءَ موسم ۽ رات جي وڳڙي ۾ شمسي توانائي پيدا يا گڏ ڪري نه ٿي سگهجي. جيتوڻيڪ شمسي توانائي حاصل ڪرڻ ۾ اڃا ڪجهه اُوڻايون محسوس ڪيون وڃن ٿيون، پر تنهن هوندي به گذريل 15 سالن دوران ان جي استعمال ۾ زبردست واڌارو ٿيو آهي، بجلي پيدا ڪندڙن اوزارن جون قيمتون گھٽيون آهن ۽ عام ماڻهن ۾ ان جي استعمال بابت ڄاڻ پيدا ٿي آهي.
اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ شمسي توانائي رستي وڏي پئماني تي بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن به ٻئي طريقي جھڙوڪ: ڪوئلي يا تيل رستي حاصل ٿيندڙ بجلي جي ڀيٽ ۾ گھڻي سستي، سولي، صاف، ماٺي يعني بنا ڪنهن گوڙ ۽ غلاظت جي پيدا ٿئي ٿي ته ان سان فضا به غليظ نه ٿي ٿئي. جن ملڪن ۾ توانائي جو بحران آهي اتي شمسي توانائي ذريعي ٽيلي مواصلات، ٻهراڙين جي علائقن ۾ ريفريجريٽر هلائي دوائن ۽ وئڪسينن کي محفوظ رکڻ، پري پري وارن علائقن ۾ جتي بجليءَ جون تارون پهچائي نه ٿيون سگهجن، اتي شمسي توانائيءَ رستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.
شمسي توانائيءَ تي ٿيندڙ تحقيق، ان جي طاقت ۽ عام ٿيڻ جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ اهڙو جهاز نالي سولر امپلس- 2 (Solar Impulse-2)، جنهن جي 72 ميٽر ڊگهن پرن ۾ 17000 شمسي سيل لڳل هئا، اُن 5663 ڪلوميٽرن (3519 ميلن) جو ڪامياب سفر بنا ڪنهن گوڙ يا گدلاڻ پيدا ڪرڻ جي، 80 ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو. هن تجرباتي شمسي جهاز پنهنجي اڏام، مارچ 1915ع ۾ دبئيءَ کان شروع ڪئي هئي. جهاز جي سفر دوران اُن جا شمسي سيل، ڏينهن جو ليٿيم بئٽرين کي بجليءَ سان ڀريندا ٿي رهيا، ته جيئن اهو رات جي وڳڙي ۾ به اڏام ڪري سگهي.
جڏهن ته ان جهاز کان اڳ ۾ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ آمريڪي ڪمپنيءَ ‘ائسٽروفلائيٽ’ (Astro Flight)، شمسي توانائيءَ تي هلندڙ بنا پائليٽ وارو هوائي جهاز، ‘ائسٽروفلائيٽ سنرائيز’ (AStroFlight Sunrise) تجرباتي طور اڏاريو هو، جيڪو شمسي توانائيءَ رستي اڏامندڙ پهريون هوائي جهاز هو. ناسا، سال 2011ع ۾ مشتري گرهه بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ بنا انسان جي، ‘جونو’ (Juno) نالي هڪ خلائي گاڏي، جنهن جو وزن 3267 ڪلوگرام هو، رواني ڪئي، جنهن کي مشتري گرهه تائين پنهنجو ڊگهو سفر پوري ڪرڻ ۾ پنج سال لڳندا. اها پهرين خلائي گاڏي آهي، جيڪا مڪمل طور تي شمسي توانائيءَ تي هلندڙ آهي.
هڪ اندازي موجب سنڌ پرڳڻي جي جملي زميني پکيڙ 140914 هم چورس ڪلوميٽر ۽ سامونڊي ڪنارو 400 ڪلوميٽر آهي، جن تي
هر گھڙيءَ سج جي شعاعن جا140,000,000ميگاواٽ وسندا رهن ٿا. جيڪڏهن ان ايراضيءَ جو رڳو 10 سيڪڙو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجي ته ان مان 1,400,000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.


لفظ شمسي توانائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو